[0:00]مونجو نالو فريدا شيخ آھي پي ايچ ڊي لحاظ کان ڊاڪٽر فريدا شيخ چيو ٿو وڃي آئون پرنسيپل آھيان بختاور ڪيڊيٽ ڪالج فار گرلز، شھيد بينظيرآباد. نياڻين جي لاءِ ڇوڪرين جي لاءِ گرلز جي لاءِ ھي پھريون پاڪستان جو ڪيڊيٽ ڪالج آھي. ڪيڊيٽ ڪالج ھميشه ٻڌندا سين پٽارو ڪيڊيٽ ڪالج آھي يا فلاڻي جڳھ، فلاڻي جڳھ، فلاڻو جو ڪيڊيٽ ڪالج ڀئي انھن جو ڪلچر ڇا ھوندو آھي؟ انھن جي ٽريننگ ڇا آھي؟ انھن جي تعليم ڇا آھي؟ ۽ اھو رڳو ڇوڪرن جي لاءِ ڇو آھي؟ ڇا ڇوڪريون ان قابل ناھن جو انھن کي اھڙي قسم جي تعليم يا تربيت ڏني وڃي؟ ان شئي کي مدنظر رکندي نوابشاھ شھر ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جو ھميشه کان خواب ھو تہ نياڻين کي اھڙي قسم جي تعليم ڏني وڃي. ۽ آئون بلڪہ سڄي قوم کي شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ميڊم فريال ٽالپر صاحبہ جو جن پنھنجي ناظمہ جڏھن نوابشاھ جون دور ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون، ھڪ دفعو پروجيڪٽ جي ھيءَ اسڪيم رد ٿي وري ٻئي دفعي پوءِ الحمداللہ ھن ڪالج جو آخر بنياد پيو ۽ ھن پنھنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو 2017 کان. ۽ يقينن سنڌ گورنمينٽ بہ کيئرون لھڻي جن ھي ھيڙي اداري کي ٺاھي ۽ ان کي ھلائڻ ۾ ان کي آن ڪرڻ ۾ ڏاڍو گھڻو رول آھي اسان جي سنڌ حڪومت جو. نياڻين جي لاءِ آئون چوان تہ اگر ھي شھيد بينظيرآباد ۾ آھي تہ ھي دارو بہ بينظير آھي ھن جي جھڙي مثال بہ ايڏي نٿي چوان ھاڻ ٻه چار ٻيا بہ ڪالج ٿي ويا آھن پر ھي اوليت آھي ڪالج. ھن ۾ ھاڻي مون وٽ ساڍا 400 نياڻيون آھن سڄي پاڪستان مان نرڳو نوابشاھ، نرڳو سنڌ پر پاڪستان جا ٻيا سڀئي صوبا گلگت بلتستان کان بہ ڇوڪريون اچن ٿيون. ايڏيون ڪميٽيڊ ھي ڇوڪريون ھونديون آھن جو سواءِ ونٽر يا سمر ويڪيشن جي گھر بہ نہ وينديون آھن. تہ مون جو اسان جي سنڌ جي انھن ماڻھن کي ڪڙي رڪويسٽ چوان، ڪڙو عرض چوان تہ اسان کي بہ ٿورو غور ڪرڻ گھرجي تہ اسان پنھنجي گھرن ۾ نياڻيون رڳو اسان وٽ سامھون اسڪول وڃيون، نہ وڃيون بس نمبر کڻي اچي وڃيون، اھا تعليم ناھي. تعليم اھا جيڪا اسان کي شعور ڏي، جيڪا اسان جي شخصيت کي سنواري، سڌاري، نکارَي. تہ يقينن تعليم اسان سان گڏ تربيت. ھن اسان جي بختاور ڪيڊيٽ ڪالج ۾ اگر توھان کي ٿورو سو روٽين ٻڌايان داخلا ٿيندي آھي ڪلاس ايٿ ۾، يعني ٻار جيڪا آھي نياڻي ستون پاس ڪيل ھجي ڪنھن بہ اداري کان، سرڪاري کان يا پرائيويٽ کان، بلڪہ ھڪڙي ڳالھ ٻڌايان تہ سرڪاري اسڪول کان گورنمينٽ جي اسڪول کان پڙھڻ يا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول واري پڙھل ڇوڪرين کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وري فلي اسڪالرشپ ڏئي ٿي. يعني اھا غريب نياڻي جنھن جا مائٽ في نہ ٿا ڀري سگھن اھا تعليم کان محروم ڇو رھي؟ ان جي فلي فنڊيڊ اسڪالرشپ آھي ايس سي ايف کان. ستون جو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ٽيسٽ وٺندا آھيون. پوءِ اٺين ۾ اسان وٽ داخلا ٿيندي آھي ۽ اٺين کان اٺي سيڪنڊ ايئر تائين يعني انٽرميڊيٽ اسان وٽان پورو پنج سال پڙھي ڇوڪريون خير سان ھتان پاسڊ آئوٽ ڪنديون آھن. ٻي داخلا اسان وري فرسٽ ايئر ۾ بہ ڪندا آھيون جنھن جي اٺين ۾ بہ نہ ٿيندي آھي تہ اھي وري ٿورو چوندا آھن تہ اسان وڃي فرسٽ ايئر ۾ ٿا داخلا اچي وٺون تہ اسان ان ۾ بہ داخلا ٿيندي آھي. سمپل آھي ھتي روٽين ٿوڙو جيڪو اگر آئون ٻڌائي ڇڏيان مائٽن کي تہ ھو بہ چوندا آھن تہ سوير سُمھجي، سوير اُٿجي ۽ اول ڌڻيءَ جو نالو گنھجي، ھي ننڍڙيون ڏيون ھيون جيڪي اسان ڪلاس ون ۾ ٽو ۾ پڙھيون ٿا، يقين ڪريو اھا ئي اسان جي صحت آھي. ھميشہ چيو ويندو آھي تہ سوير سُمهڻ ۽ رات جو 9:00 بجي کان تھجد جي ٽائيم واري ۾ اسان ننڊ ڪيون تہ اسان جي پوري باڊي جا آرگنز جيڪي ھن ھو ريپيئر ٿيندا ھن، سڄي مينٽيننس ٿيندي آھي انھن جي، ۽ صبح جو ھو ري فريش ٿي ۽ ڪم بھترين اسان جي پرفارمنس رھندي آھي. اسان وٽ جلدي سُمھڻو آھي، صبح جو ايترو ارلي اُٿڻو آھي جو نماز پڙھڻي آ فجر جي مارننگ پي ٽي ٿيندي آھي جڏھن ماڻھون اڃا بسترا پيا ھوندا آھن اسان جا ٻار مارننگ پي ٽي ڪري نماز پڙھي فارغ ٿي چڪا ھوندا آھن.
[4:02]۽ تيار ٿي، بريڪ فاسٽ ڪرڻو آ، اڪيڊمي ۾ اچڻو آھي، اڪيڊمي کان پوءِ وري انھن کي منجھند جو لنچ ڪري، وري ظھر جي نماز پڙھڻي آھي پوءِ جن کي اسان ڪيولولا چئون يا منجھند جو ٿورو آرام چئون اھو بہ ضروري آھي ٻارن کي اھو ڏيڍ ڪلاڪ جو آرام ڏيندا آھيون. ان کان پوءِ جيڪي عام زبان ۾ ٽيوشن ٿو چيو وڃي، ان کي اسان جي ڪيڊيٽ ڪالجز ۾ پريپ ٿو چيو وڃي. اھو پريپ ٽائيم ھوندو آھي جيڪو وري ٻارن کي اسان انڊيوِيڊيوَل ڪا بہ گائيڊينس ٻار کي گھرجندي آ يا ڪنھن سبجيڪٽ ۾ ڪمزور ٻار آھن تہ انھن جي ٿوڙي وڌيڪ ٽيچرز انھن کي فردر سمجھائينديون آھن. وري اسپورٽس صحت مند جسم ۾ صحت مند دماغ ھوندو آھي تہ صحت لاءِ ضروري آھي تہ اسان پنھنجي باڊي کي بہ ڏاڍو وڏو ايڪٽيو رکون. پوءِ وري اسان جو ايوننگ جو اسپورٽس جو ٽائيم ھوندو آھي ۽ اسپورٽس ۾ مختلف بلڪي ڇا چوان سڀئي قسم جون رانديون اسان وٽ ٿين ٿيون چاھي ڪرڪيٽ ھجي، ھاڪي ھجي، بيس بال ھجي، فٽبال ھجي، باسڪيٽ بال ھجي، سومنگ ھجي، سائيڪلنگ ھجي، جم ھجي، ڊفرنٽ ھابيز، پينٽنگ، ڊرائنگ، ڪيليگرافي، اسڪيچنگ ايون اسٽيچنگ، سڀئي پلي مٽي مان ڪجھ ٺاھڻ ٻارن کي الڳ الڳ صلاحيتون ڏيندا آھيون تہ ملٽيپل انٽيليجنسز جيڪي ھن اسان ان کي ڪڙو سٺو ماحول پرووائيڊ ڪندا آھيون. اھو ان مان سکندا آھن، پوءِ وري ڊنر ٽائيم ٿو ٿئي، عشا جي نماز ٿي ٿئي، ملڪ ٽائيم ٿيندو آھي، وري رات جو ھڪڙي ڪلاڪ جي سڄو ڏينھن ڇا پڙھيو يا ڪو اسائينمينٽ مليو آھي تہ توھان کي اھو ڪم ڪرڻو آھي، اھو ڪري ھڪ 9:30 بجي سڄي ڏينھن جون ايڪٽيويٽيز ختم ٿينديون آھن، لائيٽس آف ٿينديون آھن ۽ ٻارن کي آرام جو ٽائيم ڏنو ويندو آھي. اھو روٽين آھي اگر اسان جون ٻارڙيون موبائل ۾ جتان پاڻ ماڻھن کي خبر آھي بلڪي اسان مائون پاڻ موبائل ۾ لڳا ويٺا ھوندا آھيون، تہ اسان جون نياڻيون گھرن ۾ ھر وقت ان جي مُنھن تي موبائل آ، چشما سڀني ٻارن کي لڳي چڪا آھن ان موبائل گھڻي يُوز جي ڪري. اسان وٽ موبائل ٻارن کي الوئي نہ ھوندي آھي، بس ٻارن کي اٺين اٺين ڏينھن يعني ھر ايوري سنڊي تي ھڪڙي گهر ۾ ڪال ايڪٽيويٽي ٿيندي آھي. ۽ باقي الحمداللہ الحمداللہ ڪافي سارا مائٽ اسپيشلي توهان کي ٻڌايان تہ ڪراچي جھڙي شھر جا مائٽ تہ اسان کي منتون ڪندا آھن تہ ڪجھ بہ ڪيو اسان نياڻي کي ھتي رکو، اسان نياڻي کي اسڪول ڇڏيون، وٺون، ٽيوشن تي ڇڏيون ۽ وٺون. ڊرائيور، گاڏي، پيٽرول اسان جو ڏاڍو ٿو خرچ ٿئي، اڪيلي نياڻي کي ڪنھن بہ اسان موڪلي بہ نہ ٿا سگھون، جاب جا اوورس ڪٿي وڏا وڏا شھر ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تي پھچڻ ۾ ٽائيم گھڻو. اھو ھڪڙو اللہ جي اسان ھڪڙي سيف ۽ سيڪيوئر انوائرنمينٽ ۾ جتي ٽوٽل لرننگ انوائرنمينٽ آ، چاھي پوءِ اسپورٽس ھجن، چاھي اڪيڊمڪ ايڪٽيويٽيز ھجن. ۽ وري ٻيون ڊفرنٽ ايڪٽيويٽيز مقابلا ڪرڻ جي لاءِ اسان سان گڏ وڃون، اسان راشدآباد وڃون، اسان لاڙڪاڻي وڃون، پٽارو وڃون، رسالپور اسان وڃون، اسان ايون پاڪستان کان ٻاھر بہ وڃون. لاھور ھينئر منھنجون نياڻيون وڃي ماشاءَ اللہ اتي پنھنجو واھ واھ وڃايون آھن. سنگاپور وڃيون نياڻيون وڃي، يو ڪي وڃيون آھن تہ مختلف جڳھن تي مختلف ايڪٽيويٽيز کڻي پنھنجو نالو جڏھن کڻي ٿيون اچن تہ ھاڻ پاڻ ڪري وري ڪي سٺي يونيورسٽيز ۾ پڙھن ٿيون تہ يقينن صبحاڻي ڪامياب شھري ۽ ھڪڙو چوان تہ پنھنجي ملڪ جو نالو ڪرڻ واريون ۽ مائٽن کي پرائوڊ فيل ڪرڻ واريون نياڻيون اسان سڀني مٿان فرض ٿو آھي تہ اسان پنھنجين نياڻين کي ھڪ سٺي ۽ بھترين تعليم ڏيون ۽ ھيڏي قسم جا جن کي اسان اِليٽ قسم جو ادارو جنھن جي فيس بہ سڀني کان گھٽ ھجي ۽ تعليم سٺي ھجي تہ پوءِ اسان ڇو نہ سوچون پنھنجي نياڻين جي بھتر تعليم جي لاءِ.



